غلام جيلاني برق

غلام جيلانيبرق“: برق غلام جيلاني ’1901ع ۾ ضلع ڪيمبل پور ۾ جنم ورتو. وڏو اديب هو. هن کي عربي، فارسي ۽ اردوءَ تي مڪمل عبور حاصل هو. اردوءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي به ڪيائين. 1920ع کان 1933ع تائين مختلف اسڪولن ۾ استاديءَ جي پيشي سان منسلڪ رهيو. 1933ع کان 1957ع تائين مختلف ڪاليجن ۾ ليڪچرر رهيو. هن جا اوڻٽيهه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ ”دو قرآن“، ”فلسفيان اسلام“، ”مؤرخين اسلام“، ”حڪماءِ عالم“، ”من کي دنيا“ ۽ ”دانش رومي و سعدي“ اهم تصنيفون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو